امپائر گڏ ملائڻ باوجود هنن کي شڪست ڏيڻي آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آمريڪي سازش تحت چورن کي مڙهيو ويو آهي، عوام هنن ماڻهن خلاف آهي، هي ماڻهو چونڊون رڳو امپائر ملائي کٽي سگهن ٿا، اسان کي ان باوجود کين شڪست ڏيڻي آهي.

پنجاب جي تڪ پي پي 158 ۾ تحريڪ انصاف جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هي اليڪشن رڳو هڪ تڪ جي نه سموري پنجاب ۽ پاڪستان جي آهي، اوهان سڀني کي هر در تي وڃي پيغام ڏيڻو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجو ضمير وڪڻي چورن سان ملي ويندا آهن انهن کي شڪست ڏيڻ اسان جو فرض آهي.

هن چيو ته آءِ جي رائو سردار علي خان، مان اوهان کي ان لڳايو هو ته اوهان ايماندار آءِ جي آهيو جيڪو ڪو غلط ڪم نه ڪندو، چونڊن ۾ پوليس جو ڪهڙيو رويو هوندو آهي، جيڪڏهن پوليس غلط ڪم ڪيو ته ماڻهو سڄي زندگي رائو سردار اوهان تي آڱريون کڻندا، پوليس جو حلف آهي ته قانون موجب هلڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن سان آهي، اليڪشن ڪميشن کي به پيغام آهي ته سمورو پاڪستان 20 تڪن ۾ ضمني چونڊن کي ڏسي رهيو آهي جيڪو رويو هيل تائين اليڪشن ڪميشن جو رهيو آهي ڪنهن کي اوهان تي اعتماد ناهي، هي چونڊون فيصلو ڪنديون ته اليڪشن ڪميشن تي قوم اعتماد ڪري سگهي ٿي؟ هيل تائين اليڪشن ڪميشن جانبدار آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين ورڪرز کي چيو ته اسان کي خبر آهي ته ساڻن گڏ ڪير ڪير شامل آهن ۽ اها به خبر آهي ته هتي پيسو هلي رهيو آهي پر اوهان کي گهر گهر وڃي قوم کي جاڳائڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته هي جيڪي آمريڪا جا نوڪر آهن، آمريڪا جا پوڄاري آهن، ڇا پاڪستاني قوم هنن کي شڪست ڏيندي؟ امپائرن باوجود آمريڪا جي غلامن، ملڪ جي وڏن وڏن ڦورن کي اسان کي هارائڻو آهي.

هن چيو ته اسان هميشه لاءِ هنن چورن کي هارائي ملڪ مان فارغ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.