حيدرآباد: ڇهن شاگرد تنظيمن پاران سنڌ جي شاگردن جي حقن لاءِ حيدرآباد اسٽوڊنٽس الائنس قائم

 

حيدرآباد ۾ ڇهن شاگر تنظيمن پاران سنڌ جي شاگردن جي حقن لاءِ اتحاد قائم ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي بحالي، شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ، فين ۾ واڌ خلاف ۽ شاگردن جي حقن لاءِ  شاگردن جي 6 تنظيمن آر ايس ايف، پي آر ايس ايف، ايس ايس او، ايس ايس ٽي، پي ايس سي ۽ اين ايس ايف ”حيدرآباد اسٽوڊنٽس الائنس” نالي اتحاد قائم ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن نواب چانڊيو، ساگر سرويچ، وجدان سيال، سميع ابڙو، انصار باغي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس چيو ته شاگردن جي حقن لاءِ جدوجهد جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حيدرآباد سطح تي  اتحاد جوڙي ويو آهي.

هنن چيو ته موجوده سرمائيداراڻي طبقاتي تعليمي نظام سنڌ سوڌو سموري پاڪستان ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن جو اندازو تعليم ۽  شاگردن بابت حڪمران طبقي جي ورتل تعليم دشمن فيصلن مان لڳائي سگهجي ٿو.

شاگردن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪمران طبقا سدائين پنهنجي مراعاتن ۾ ته بيشمار اضافو ڪن ٿا پر تعليم جي شعبي کي هر سطح ته نظرانداز ڪرڻ جو سلسلو ڏهاڪن کان جاري آهي.

ھنن تعليمي ادارن ۾  شاگردن سان ٿيندڙ زيادتن وارن واقعن تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي مطالبو ڪيو  شاگرد يونين جي بحالي، شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ فين ۾ واڌ سوڌو سمورا شاگردن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.