گھوٽڪي ضلعي جي ڏهرڪي ٽائون ڪميٽي ۾ مڪاني چونڊن دوران اميدوار جو ڀاءُ گرمي وگھي فوت

 

گھوٽڪي ضلعي جي ڏهرڪي ٽائون ڪميٽي ۾ مڪاني چونڊن دوران اميدوار جو ڀاءُ گرمي وگھي فوت ٿي ويو، جڏهن ته پولنگ عمل پڻ سست رفتاري جو شڪار رهيو.

ڏهرڪي ٽائون ڪميٽي جي 14وارڊن تي مڪاني چونڊن دوران پولنگ جو عمل سست رفتاري جو شڪار رهيو.

پولنگ دوران وارڊ نمبر 14جي ٽي ايل پي اميدوار خوش محمد ملڪ جو ڀاءُ جان محمد ملڪ گرمي ۾ پاڻي نه ملڻ ڪري بيهوش ٿي ويو.

ٽي ايل پي اميدوار جي ڀاءُ کي بيهوشي واري حالت ۾ فوري طور اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.

ٻئي پاسي جي ڊي اي جي اميدوار ملڪ ظفر دين وارڊ نمبر 14 جي پولنگ عملي تي پ پ جي اميدوار ڄام جاويد احمد کي کٽرائڻ لاءِ عورتن جي بوٿ تي ٺپا هڻڻ جا الزام هنيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.