زرنش خان 17 ورهين جي عمر ۾ شادي ڇو ڪئي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا زرنش خان 17ورهين جي عمر ۾ شادي ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.

زرنش خان پنهنجي اداڪاري جي مهارت ۽ خوبصورت انداز سان ٽيلي ويزن انڊسٽري ۾ پنهنجو مقام مضبوط ڪيو آهي. پر تازو ئي تابش هاشمي جي ٽاڪ شو”هسنا منع هي“ ۾ اداڪارا ننڍي عمر ۾ شادي جو ڪارڻ ٻڌايو.

اداڪارا ٽاڪ شو ۾ پنهنجي ڪيريئر سوڌو نجي زندگي بابت به ڳالهايو.

زرنش خان ايوارڊ کٽڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن ڏينهن منهنجي ايوارڊ جو اعلان ٿيو، انهي ڏينهن منهجي امڙ فوت ٿي وئي.

زرنش خان چيو ته جنهن وقت مونکي خبر پئي ته ايوارڊ لاءِ منهنجو نالو نامزد ڪيو ويو آهي ته مان اسپتال ۾ پنهنجي امڙ سان گڏ هئس ۽ پوءِ امڙ فوت ٿي وئي.

اداڪارا چيو ته مونکي حقيقت ۾ هڪ سال کانپوءِ احساس ٿيو ته ها مان ايوارڊ کٽيو آهي.

ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي حوالي سان زرنش خان چيو ته اسان پٺاڻن ۾ جلدي شادي ٿي ويندي آهي، منهنجي شادي به 17 ورهين جي عمر ۾ ٿي هئي ۽ اهو منهنجي زندگي جو بهترين فيصلو هيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.