پيپلزپارٽي ايم پي اي جي پٽ جي عورت پولنگ آفيسر سان ڏند چڪ

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ۾ مڪاني چونڊن دوران پيپلزپارٽي جي ايم پي اي جي پٽ جي عورت پولنگ آفيسر سان ڏند چڪ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

پيپلزپارٽي جي ايم پي اي هري رام جو پٽ ڪرن ڪمار پنهنجي ساٿين سميت نور شاهه ڪالوني ۾ عورتن جي پولنگ اسٽيشن پهتو، ان موقعي تي سندس عورت پريزائڊنگ آفيسر سان ڏند چڪ ٿي.

ڪرن ڪمار جو چوڻ هو ته اوهان اسان جي ايجنٽ کي ڇو ڪڍيو؟

عورت پولنگ آفيسر جو چوڻ هو ته مان ڪنهن ايجنٽ کي ناهي ڪڍييو، اوهان مون کي ڌمڪائي رهيا آهيو.

ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر عورت پولنگ آفيسر سان ڏند چڪ جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کي خط لکندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.