اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد کي مڪاني چونڊن، ووٽر لسٽن ۽ تڪبندين تي موجود خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ملاقات جي دعوت ڏئي ڇڏي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان رابطو ڪري مڪاني چونڊن، ووٽر لسٽن ۽ تڪبندين تي خدشا ختم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
ياد رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.