ڏکڻ آفريقي نائيٽ ڪلب مان 17 لاش هٿ

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا جي شهر ايسٽ لنڊن جي هڪ علائقي جي نائٽ ڪلب ۾ 17 ڄڻا مئل حالت ۾ مليا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب صوبائي پوليس جي سربراهه بريگيڊيئر ٿيمبنڪوسي ڪنانا ٻڌايو ته اسان کي 17 ماڻهن بابت رپورٽ ملي آهي جيڪي اوڀر لنڊن ۾ واقع سينري پارڪ جي مقامي هوٽل ۾ مارجي ويا آهن.

هن چيو ته اسان اڃا تائين ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته مقتولن جي عمر 18 کان 20 سالن تائين آهي.

ايسٽرن ڪيپ جي صوبائي ڪميونٽي ۽ سيفٽي ڊيپارٽمينٽ جي اهلڪار يوناٿي بنڪور چيو ته اهو يقين ڪرڻ ڏکيو آهي ته اهو ڀاڄ سبب ٿيو آهي ڇو ته مارجي ويلن جي جسم تي ڪي به نشان نه آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.