”لوٽا پنهنجن تڪن ۾ به ڪامياب نه ٿيندا“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ويراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته لوٽا ضمير وڪڻي پنهنجي تڪ جي عوام جي توهين ڪن ٿا هي پنهنجن تڪن ۾ ڪامياب نه ٿيندا.

لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمران پرڏيهي سازش ذريعي اسان تي مڙهيا ويا آهن، اسان کي کين شڪست ڏيڻي آهي.

هن چيو ته اسان آمريڪا سامهون ۽ نه ئي هنن چورن سامهون جهڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن تي ڪنهن کي اعتبار ناهي رهيو، چونڊون فيصلو ڪنديون ته قوم اليڪشن ڪميشن تي اعتبار ڪري سگهي ٿي يا نه.

هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته هنن سان گڏ ڪير ڪير آهي، پيسو به هلي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.