ڏاج واپس ڏياريو وڃي: وينا ملڪ جو نئون مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا وينا ملڪ ڏاج ۽ تحفي ۾ مليل سامان اڳوڻي مڙس کان واپس ڏيارڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ اداڪارا وينا ملڪ جي ڏاج جي سامان ۽ تحفن جي واپسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

سول جج جوڊيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ داخل درخواست ۾ وينا ملڪ اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي.

وينا ملڪ طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسد خٽڪ سان 26 جنوري 2017 تي ڌار ٿي وئي هيس، دوستن سان مليل تحفا اسد وٽ آهن جن جي ماليت 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو اهي ته اسد خٽڪ اڳ چيو هو ته هو سمورا تحفا واپس ڪندو هاڻي چوي ٿو ته سندس سامان چوري ٿي ويو.

وينا ملڪ جي درخواست تي اسد خٽڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان وينا ملڪ خلاف ڪارروائي جي درخواست داخل ڪئي آهي.

عدالت درخواست گذار کان ايندڙ ٻڌڻي تي شاهديون طلب ڪري ورتيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.