بالي ووڊ تي راڄ ڪندڙ چار مشهور اداڪارائن ڪيترو پڙهيل آهن؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان سڃاڻپ ٺاهيندڙ فلمي اداڪارائن جوهي چاولا، ڪرينا ڪپور، ايشوريا راءِ ۽ راني مکرجي ڪيتري پڙهائي؟ هي ڳالهيون مداح سدائين ڄاڻن لاءِ آتا رهندا آهن.

اڳوڻي مس ورلڊ ايشوريا راءِ پهرين نومبر 1973 تي هڪ بنگالي گھراڻي ۾ پيدا ٿي، بالي ووڊ ۾ فلم ۽ پيار ٿي ويو سان پنهنجي فلمي سفر جي شروعات ڪندڙ اداڪارا پنهنجي اسڪول جي تعليم ممبئي جي آريا وديا مندر مان حاصل ڪئي، پوءِ ممبئي ۾ ئي ڊي جي روپاريل ڪاليج مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي پر ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو ته ايشوريا پنهنجي ڪالج جي تعليم مڪمل ناهي ڪئي ۽ ڪالج ڊراپ آئوٽ هئي.

21سيپٽمبر 1980 تي ڪپور خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ ڪرينا ڪپور اڄ بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارائن مان هڪ آهي. ريفيوجي کان پنهنجي فلمي ڪيريئر جو شروعات ڪندڙ بيبو ممبئي جي جمنا بائي نرسي اسڪول ۽ ڌرادون جي ويلهم گرلز اسڪول مان اسڪول جي تعليم حاصل ڪئي. اعليٰ  تعليم لاءِ هن ممبئي جي ميٺي بائي ڪاليج جي چونڊ ڪئي، پر فلمي ڪيريئر جي ڪارڻ هو ڪاليج جي ڊراپ آئوٽ شاگردياڻي ئي رهي.

13نومبر 1967 تي امبالا، هريانا ۾ پيدا ٿيندڙ جوهي چاولا پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1986 ۾ فلم سلطان کان ڪئي، حالانڪه هن کي 1988 ۾ عامر خان سان ”فلم قيات سي قيامت تڪ“ سان نئين سڃاڻپ ملي.

جوهي پڙهائي جي معاملي ۾ سدائين سنجيده رهندي هئي ۽ هن پنهنجي اسڪولنگ ممبئي جي فورٽ ڪانوينٽ اسڪول کان ڪئي، اتي ئي ممبئي جي سينڊنهم ڪالج کان ايڇ آر ۾ گريجوئيشن ڪئي.

21مارچ 1978 تي پيدا ٿيندڙ راني مکرجي فلمي دنيا جي هڪ ڪامياب اداڪارا آهي. ر اني پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1997 ۾ فلم ”راجا جي آئيگي بارات“ کان ڪئي، هن فلم بليڪ، هچڪي ۽ مرداني سان پنهنجي زبردست اداڪاري ۾ پاڻ مڃرايو.

هن پنهنجي اسڪول جي تعليم مانيڪ جي ڪوپر هاءِ اسڪول، جوهو، ممبئي کان ڪئي ۽ پنهنجي گريجوئيشن ميٺي بائي ڪاليج ممبي مان مڪمل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.