يوپي جي وڏو وزير يوگي ناٿ جو هيليڪاپٽر ڪرڻ کان ذري گهٽ بچي ويو

وارانسي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جو وڏو وزير يوگي اديتيا ناٿ جي هيلي ڪاپٽر کي پکي ٽڪرائجڻ ڪري هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.

ڀارتي ميڊيا موجب ريات اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي اديتيا ناٿ وفد سان گڏ وارانسي کان لکنئو لاءِ هيلي ڪاپٽر ۾ اڏام ڀري هئي، اڏام ڀريندي ئي هيلي ڪاپٽر پکي سان ٽڪرائجي ويو.

پکي ٽڪرائجڻ سبب لکنئو ويندڙ هيلي ڪاپٽر ڪرنٽ هائوس ۾ ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي. هيلي ڪاپٽر کي نقصان پهتو آهي پر ان ۾ موجود سمورا ماڻهو محفوظ آهن. هيلي ڪاپٽر جي مرمت ڪئي پئي وڃي.

ان بعد يوپي جو وڏي وزير دير سان سرڪاري جهاز ۾ لکنئو لاءِ روانو ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.