انگلينڊ سان سيريز کان اڳ ڀارت کي وڌو ڌچڪو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ ڀارت کي وڌو ڌچڪو لڳي ويو، تجربيڪار بيٽر روهت شرما ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

ريپڊ اينٽيجن ٽيسٽ (آر اي ٽي) جي نتيجي موجب روهت شرما جي ڪووڊ 19 ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، بي سي سي آءِ جي هڪ رليز ۾ چي ويو آهي ته هندوستاني ڪپتان کي اڪيلائي ۾ رکيو ويو آهي ۽ انفيڪشن جي شدت جي تصديق ۽ ان جاچ لاءِ آچر تي ”پي سي آر-آر ٽي“ ٽيسٽ شيڊول آهي.

روهت شرما ليسٽر شائر خلاف ڀارت جي جاري ٽور گيم ۾ شامل هو. بيٽر کي انگلينڊ خلاف ايجبسٽن ۾ پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻو پوندو.

ليسٽر شائر خلاف پهرين اننگز ۾ ڀارت پنهنجي ٽيم 246 رنز 8 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪئي.

ڀارت پاران سريڪر ڀرت 70 رنز سان نمايان رهيو جڏهن ته اوپنر روهت شرما 25، شبهمن گل 21 رنز ٺاهي پويلين موٽي ويو، ويرات ڪوهلي 33 رنز جي اننگز کيڏي.

ليسٽر شائر پاران رومن واڪر 5 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.