چونڊن دوران ڏڦيڙ ۾ پيپلزپارٽي ملوث آهي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ وسيم اختر الزام لڳايو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران پيپلزپارٽي جا ميمبر ڏڦيڙ ۾ ملوث آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مڪاني چونڊن دوران هنگامن ۾ پيپلزپارٽي ميمبر ملوث آهن، فوج کي اهڙين حالتن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائي سگهجي.

هن چيو ته پولنگ دوران ڌاڙيل عملي کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا آهن ته ڪٿي هنگاما ٿي رهيا آهن، ادارا سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪن جيئن چونڊن تي سواليا نشان نه لڳي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.