بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ ناڻي واري وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيو.

ذريعن موجب بلاول ڀتو ڏاڏي جي لاڏاڻي جري ڪري ڪراچي ۾ رڌل آهي ان لاءِ هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي ماءُ جي لاڏاڻي تي اڄ ڪراچي ۾ به ڪجهه رسمون ادا ڪيون ويون، بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ مذهبي رسمن ۾ رڌل رهيو جنهن سبب هو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاڙڪاڻي نه وڃي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.