مڪاني چونڊن ۾ جهيڙا، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي جڏهن ته جهيڙن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ٽنڊي آدم ۾ جهيڙي ۾ هڪ اميدوار جو ڀاءُ مارجي ويو جڏهن ته سکر ۾ جاگيراڻي برادري جي جهيڙي ۾ هڪ شخص مارجي ويو.

پرزائڊنگ آفيسر موجب نوابشاهه ۾ سوشل سيڪيورٽي پولنگ اسٽيشن تي مڇريل ماڻهن ڀڃ ڊاهه ڪئي، هٿياربند ماڻهن عملي کي يرغمال بڻايو ۽ اليڪشن جو سامان کڻي فرار ٿي ويا.

ريجنل اليڪشن ڪمشنر نويد عزيز موجب واقعي تي ايس ايس پي کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ايس ايس پي سعود مگسي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ 15 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي مورو جي يو سي ڏيپارجا جي منگو خان ڏهر پولنگ اسٽيشن ۾ به جهيڙو ٿيو.

نوشهري فيروز ۾ پولنگ دوران جهيڙي ۾ مخالفن هڪ ٻئي تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ پولنگ روڪي وئي.

پوليس موجب سانگهڙ جي علائقي شهدادپور يو سي غلام حيدر باگراڻي ۾ ٻن سياسي پارٽين ۾ جهيڙو ٿيو جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جهيڙي کانپوءِ پولنگ اسٽيشن 65 ۾ پولنگ روڪي وئي.

ان کانسواءِ يو سي نمبر 50، هزارواهه پولنگ اسٽيشن ڪوٽ جهڙيو ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پڊ عيدن ۾ يو سي ڀانڀري پولنگ اسٽيشن جمن شاهه ۾ به جهيڙي سبب پولنگ جو عمل روڪڻو پيو، ڏنڊا لڳڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ٿرپارڪر جي تعلقي ڪلوئي پولنگ اسٽيشن ۽ پولنگ اسٽيشن پٽار تي ٻن اميدوارن جي حامين وچ ۾ لٺين جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جيڪب آباد ۾ به يونين ڪائونسل ڪندراڻي جي پولنگ اسٽيشن 517 گلشير ڪندراڻي ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ ٻن اميدوارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ جي ميونسپل ڪاميٽي جي اميدوار شوڪت ملڪ جي گاڏي تي مخالفن حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ مخالفن سندس گاڏي تي ڏنڊا وسايا جنهن سبب گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا.

ان کانسواءِ هٿياربند پولنگ عملي جي 10 ماڻهن کي به اغوا ڪري ويا جن کي ڪجهه ڪلاڪن بعد بازياب ڪرايو ويو.

اليڪشن ڪميشن بينظير آباد ۾ ٽن پولنگ اسٽيشنز تي اليڪشن مٽيريل کسڻ جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي آر اوز کي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.