مڪاني چونڊون: پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.

صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ شام پنجين وڳي تائين بنا وقفي جاري رهي.

اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب مختلف پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو وقت وڌايو ويو آهي، پولنگ جو وقت انهن پولنگ اسٽيشنن تي وڌايو ويو آهي جتي پولنگ جو عمل ڪنهن سبب جي ڪري رڪجي ويو هو، پولنگ جو اوترو وقت وڌايو ويو آهي جيتري دير پولنگ رڪيل رهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي اڳواڻ تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي پولنگ جو وقت ٻه ڪلاڪ وڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي، تاج حيدر ووٽرز کي شام ستين وڳي تائين پولنگ جي اجازت جي درخواست ڪئي هئي.

لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ضلعن، جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ جي عوام مڪاني نمائندا چونڊڻ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

سکر ڊويزن جي ٽن ضلعن، خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي، شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽن ضلعن شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، نوشهرو فيروز ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ٽن ضلعن، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ به پولنگ ٿي.

مختلف ڊويزن مان هڪ هزار کان وڌيڪ اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.