ڀارتي حڪومت تپن ڪمار ڊيڪا کي انٽيليجنس جو نئون سربراه مقرر ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (اي پي پي ) نريندر مودي جي اڳواڻي ۾ ڀارتي حڪومت تپن ڪمار ڊيڪا کي انٽيلجنس بيورو جو  ڊائريڪٽر مقرر ڪيو آهي جڏهن ته ريسرچ اينڊ اينالائسز ونگ (را) جي سربراه سمنت گوئل جي ملازمت جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي توسيع ڪئي  آهي، ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڊيڪا ڀارت پرسونل منسٽري پاران جاري ڪيل حڪم نامي موجب ٻن سالن جي مدي لاءِ  آءِ بي جي نئين سربراه جو عهدو سنڀاليندو. هو هما چل پرديش ڪيڊر مان 1988 بيچ جو آفيسر تبن ڪمار ڊيڪا اروند ڪمار جي جاءِ تي ايندو جيڪو 30 جون تي  پنهنجو عهدو ڇڏيندو، واضع رهي ته  ڊيڪا کي ڄمون ڪشمير سان گڏوگڏ اتر اوڀر ۾ آپريشن بابت معاملن جو ماهر سمجهيو ويندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.