”مطالبا منظور ڪريو“ ڪورنگي گارمنٽس فيڪٽري جي مزدورن جو احتجاج

ڪورنگي (رپورٽ: امير جان چانڊيو)ڪورنگي گارمنٽس فيڪٽري ۾مزدور پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪورنگي گارمنٽس فيڪٽري ڊينم ڪلاٿنگ ڊي سي 4 مزدورن کي نوٽيس ڏيڻ بدران مزدورن کي ڪمپني مان نيڪلائي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو تنهن ڪري مزدورن فيڪٽري اندر ڪم ڇڏي پنهنجي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ان موقعي تي ميڊيا سان  ڳالهائيندي سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ ياسين جهلڻ ۽ همت علي ڦلپوٽو ۽  ڪمپني ورڪر عبدالصمد سومرو۔علي شير ٻرڙو شاهد جمالي سجاد چانڊيو چيو ته مزدورن سان سراسر ناانصافي آهي هن وقت هزاري مزدور ڪاڏي ويندا هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت مزدورن کي ڊينم ڪلاٿنگ جي ٻين يونٽن ۾ ٽراسفور ڪيو وڃي. هنن چيو ته ڪمپني انتظاميا پوليس اٽالا گهرائي زبردستي مزدورن کان رزائن ورتي وڃي ٿي   جيڪڏهن مزدورن کي بحال نه ڪيو ويو ته  احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.