حيسڪو کي 430 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ

حيدرآباد (اي پي پي) ملڪ ۾ بجلي جي طلب و رسد ۾ فرق سبب  حيسڪو کي 430 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. حيسڪو ترجمان حيسڪو ۾ بجلي جي طلب ورسد جي تازي ترين صورتحال ٻڌائي چيو آهي ته حيسڪو ۾ بجلي جي طلب 1150 ميگاواٽ آهي جڏهن ته 720 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي، اهڙي طرح 430 ميگاواٽ بجلي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جي سبب لوڊ مينجمينٽ جو دورانيو شهري علائقن ۾ 5 کان 6 ڪلاڪ ۽ وڌيڪ لاسز واري علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي: پوليس چوري ۽ ڦر ڪيل سامان اصل مالڪن حوالي ڪرڻ جي تقريب

ڪراچي (اي پي پي) ڪراچي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊي آءِ جي سي آءِ اي محمد ڪريم خان خصوصي طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ 45 ڄڻن کي سندن چوري ۽ ڦر ٿيل موبائيل فون ۽ ٻيو سامان واپس ڪيو ويو. پوليس موجب اهو سامان مختلف جوابدارن جي قبضي مان هٿ آيو هو. ان موقعي تي چوري ۽ ڦر ٿي ويل سامان واپس ملڻ تي مالڪن پاران خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ انهن پوليس جو شڪريو ادا ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.