سنڌ-بلوچستان جي دنگ وٽ فائرنگ، ڳوٺاڻو مارجي ويو

تنگواڻي (رپورٽ:مهتاب ملڪ) سنڌ-بلوچستان جي دنگ وٽ دودو ٽٻو واري علائقي ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربند محمد مراد عرف زورتي /بگٽي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته جکراڻي ۽ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺاڻي محمد مراد بگٽي کي قتل ڪيو،جڏهن ته مقتول جو لاش سئي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال  مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.