فريد آباد ۾ هڪ ڏينهن اندر چوري جون 3 وارداتون

فريدآباد ( ن ع آ ) فريدآباد  لڳ ڳوٺ گل جت ۾ بوائز پرائمري اسڪول مان نامعلوم چور در ـ دريون ۽ ٻيو سامان ڪڍي ٻھاري ويا ـ جڏهن ته چولي ڏيپر وٽ نلڪو پاڙون پٽي چوري ڪري ويا ـ جڏهن ته ڳوٺ قائم جتوئي جي رھواسي غلام علي بروھي جي گھر مان نامعلوم چور سولر پليٽون چوري ڪري ويا ـ جڏهن فريدآباد  پريس ڪلب جي آفيس مان نامعلوم چور سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا ـ ھوڏانھن  فريدآباد  پريس ڪلب جي صدر عاشق سولنگي صحافي لطيف بروھي ـ صحافي مشتاق بروھي ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته فريدآباد  ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ڦرون وڌي رھيون آهن ام امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي فريدآباد  پوليس ٻوٽو ٻاري ناھي سگھي ھنن آء جي سنڌ ـ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته فريدآباد  ۾ بدامني تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.