ڪراچي ۾ پوليس طرفان ڦر الزام ۾ نوجوان گوليون هڻي قتل، احتجاج

کوکراپار(ن ع آ)ملير جي ٻن پورهيتن علي گوهر لاشاري ۽ الله بخش لاشاري ڪالھه عوامي پريس ڪلب ملير پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ملير پوليس تي الزام مڙهيو آهي ته گذريل ڏينهن گلستان جوهر پوليس احسن آباد چوڪي وٽ اسان جي نوجوان ڀاء ساجن لاشاري کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ علي گوهر لاشاري پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته احسن آباد پوليس اسان جي مخالفن نديم ۽ مجن لاشاري کان ڳري رقم وٺي منهنجي ڀاءُ ساجن لاشاري کي پڪڙي ڦورو ڄاڻائي ڳوليون هڻي ماريو آهي جنهن جي ڳولا ٿاڻن ، اسپتالن ۽ جيلن ۾ ڪئي پر سندس پتو نه پيو پر هاڻي ايڌي فائونڊيشن وٽان معلوم ٿيو آهي ته لاش انهن جي سرد خاني ۾ موجود آهي جيڪو عمل سراسر ظلم ۽ ڏاڍ آهي هن ٻڌايو ته اسان لاش وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ پوليس جي ان ظلم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪئي آهي پريس ڪانفرنس ۾ الله بخش لاشاري ٻڌايو ته گڏاپ پوليس رشوت تي گهگهر مان 7 ڄڻن ڪمال ، گل محمد ، خدا بخش ، راهب لاشاري ، امام بخش ٻٻر ، عزيز ۽ ارشد کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس ٽنگن ۾ ڳوليون هڻي ڏوهاري ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ بعد سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو آهي هنن چيو ته پوليس مخالفن کان ڳري رقم وٺي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي هنن سنڌ حڪومت ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ، آءِ جي سنڌ ، ڊي جي رينجرز ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي مدد جي اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته گڏاپ ۽ احسن آباد پوليس جي ظالم ۽ راشي آفيسرن ۽ اهلڪارن طرفان بيگناهه نوجوان کي ڌاڙيل ڄاڻائي قتل ڪرڻ ۽ 7 ڄڻڻ کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل اماڻڻ خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.