وزيراعظم جي نوابشاهه پهچي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت

وزيراعظم شهباز شريف نوابشاهه پهچي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سندس ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي آهي.

وزير اعظم شھباز شريف پنهنجي ڪابينا ميمبرن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سوڌو ڪراچي کان خاص فوڪر جھاز ذريعي نوابشاھه پهتو، جتي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ٻين سندن آجيان ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ساٿين سميت نوابشاهه ايئرپور کان باءِ روڊ زرداري هائوس پهتو ۽ آصف زرداري سان سندس ماءُ زرين آرا بخاري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان تعزيت بعد ساٿين سوڌو اسلام آباد روانو ٿي ويو.

ياد رهي ته اصف علي زرداري جي ماءُ ۽ مرحوم حاڪم علي زرداري جي ٻي زال زرين آرا بخاري اربع تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.