ڄامشورو: دادو واسي نوجوان جو برادري جي ماڻهن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين احتجاج

ڄامشوري ۾ دادو واسي نوجوان برادري جي ماڻهن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺ شڪر گنج جي رهواسي عاشق حسين رند ٻن نوجوانن سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي نوجوان ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ پنهنجي برادري جي آفتاب، وزير، گلاب رند ۽ ٻين سان سڱاوتي معاملي تان منهن ماري ٿي هئي، جنهن تان هنن 13جون تي ايس ايڇ او خدا آباد رسول بخش پهنور سان گڏجي پوليس سرپرستي ۾ گھرن تي چڙهائي ڪئي.

هن چيو ته چڙهائي دوران گھرن کي باهيون ڏئي 6عورتن کي اغواڻ ڪرڻ سوڌو ٻه سئو ٻڪريون ڪاهيون ويون، جنهن خلاف دادو ضلعي جي مختلف ٿاڻن اڳيان احتجاج ڪيو پر اڃا تائين عورتن کي بازياب ناهي ڪرايو ويو.

نوجوان ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او خدا آباد ۽ برادري جي ماڻهن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي عورتن کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.