رئيل اسٽيٽ سيڪٽر، ڪار ڊيلرز، ريسٽورنٽس ۽ سيلونز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل رئيل اسٽيٽ بروڪرز، بلڊرز، ڪار ڊيلرز، ريسٽورنٽ ۽ سيلونز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو ته اسان مرحليوار لکين دڪانن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، مان جيولرز کي نيٽ ۾ آندو آهي ۽ يقين ڪريو ته مان ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ان سمورن پيشيوار ماڻهن کي نيٽ ۾ آڻيندس.

مفتاح اسماعيل چيو ته ڪجهه دڪاندارن، جيولرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ مان ايسوسيئيشن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اهو فيصلو انهن جي مشاورت سان ڪيو آهي، هاڻ مان ريئل اسٽيٽ جي واپارين، بلڊرز، هائوسنگ سوسائٽي ڊيولپرز، ڪار ڊيلرز، ريسٽورنٽس ۽ سيلونز وغيرا کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندس پر ان ۾ ڪجهه به زبردستي نه ٿيندو پر مشاورت سان ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.