جسٽس قاضي فائز ريٽائرڊ ججز کي مراعتن جو مخالف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريٽائرڊ ججز کي ڪنهن به قسم جون مراعتون ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ريٽائرڊ ججز لاءِ مراعتن جي منظوري جو مطلب آهي ته اسان جج طور اهو عهدو ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪنداسين.

چيف جسٽس پاڪستان کي لکيل خط ۾ سندس چون هو ته رجسٽرار فل ڪورٽ جي منظوري لاءِ هڪ سرڪلر اماڻيو آهي ان جو فائدو ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ اسان ججز کي ٿيندو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو ته جج جي حلف ۾ شامل آهي ته هو ججز جي ضابطا اخلاق تي عمل ڪندو.

هن اهو به لکيو ته ججز جو پنهنجي لاءِ مراعتن جي منظوري ڏيڻ ججز جي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي.

سندس چوڻ هو ته رجسٽرار ۽ اسان ججز کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته اسان جي عهدي جي گهرج ڪهڙي آهي، رجسٽرار کي اها غلط فهمي آهي ته هو هر جج طرفان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته ريٽائرڊ جج کي ڪنهن به قسم جون مراعتون ڏيڻ جي تجويز سان اختلاف ڪريان ٿو.

خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ريٽائرمينٽ کان ڪجهه مهينا اڳ فل ڪورٽ ميٽنگ گهرائي جنهن ۾ ريٽائرڊ چيف جسٽس لاءِ گريڊ 16 جي سيڪريٽري جي منظوري ورتي وئي.  

هن چيو ته فل ڪورٽ کان 2018 ۾ منظوري ان وقت ورتي وئي جڏهن مون سميت ڪيترائي ججز موڪلن تي هئا، جڏهن فل ڪورٽ منٽس منظوري لاءِ مون کي موڪليا ويا ته مان اعتراض لڳايو ۽ اختلاف ڪيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته ڇا اهڙي حڪومت جنهن جا ڪيس عدليه سامهون هجن، اها فل ڪورٽ جي فيصلي کي نظرانداز ڪري سگهي ٿي؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته انصاف جي فراهمي کي متاثر ڪندڙ ڪيترائي اهم معاملا 2019 کان ڌيان طلب آهن، رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي انهن معاملن بدران نظر عوامي مسئلن ڏانهن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.