سوزوڪي جو ڪلٽس گاڏي جي پراڊڪشن بند ڪرڻ جو فيصلو!

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪ سوزوڪي موٽر ڪمپني پاڪستان ۾ سوزوڪي ڪلٽس کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

اهي خبرون گردش ۾ آهن ته سوزڪي جي مقبول گاڏي ڪجهه مهينن ۾ بند ڪئي ويندي.

ان جو سبب اهو بيان ڪيو پيو وڃي ته سوزوڪي جا گراهڪ هاڻي ڪلٽس بدران آلٽو سوفٽ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن جنهن سبب ڪلٽس جو وڪرو متاثر ٿي رهيو آهي.

هڪ ويب رپورٽ موجب ڪمپني طرفان به ڪلٽس بدران سوفٽ جي مشهوري ڪئي پئي وڃي ۽ آلٽو جو وڪرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڪمپني طرفان ڪلٽس کي ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.