رميز راجا جا عمران خان سان رابطا ختم، شهباز شريف سان بحال

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا جو چوڻ آهي ته عمران خان وزارت عظميٰ وڃڻ کانپوءِ رابطو ختم ڪري ڇڏيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا پريس ڪانفرنس ۾ صحافي جي عمران خان بابت سوال تي انڪشاف ڪيو ته عمران خان هن سان رابطو ختم ڪري ڇڏيو آهي.

رميز راجا جو چوڻ هو ته مان نه پر عمران خان وزيراعظم جي عهدي کان هٽڻ بعد رابطو ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ئي هو ويو منهنجو رابطو آف ٿي ويو، جڏهن رميز راجا کان پڇو ويو ته ڇا بلاڪ ڪري ڇڏيو ته پي سي بي چيئرمين ڪنڌ لوڏيو ۽ مسڪرائي ڇڏيو.

رميز راجا وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪرڪيٽ بورڊ جو پيٽرن انچيف آهي پنهنجي پروجيڪٽس بابت هن آگاهه ڪرڻ لاءِ ملاقات جو وقت گھريو آهي.

رميز راجا عمران خان جو ويجهو سمجهيو ويندو هيو ۽ هن کي عمران خان پي سي بي جو چيئرمين مقرر ڪيو هو پر رميز راجا شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ به پي سي بي چيئرمين طور فرض انجام ڏئي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.