ميهڙ ۾ بدامني، رهواسي روڊن تي نڪري آيا، علامتي بک هڙتال

ميھڙ  ( س ر ) ميهڙ ۾ بدامني ۽ وڌنڌڙ ڦرن ، ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ پاران مرڪزي اڳواڻ وڪيل ساجد مهيسر،وڪيل نجيب مهيسر ،وڪيل مشتاق چانڊيو، منصور چانڊيو، امتياز سيال ، سڌير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ميهڙ جي گهنٽا گهر چوڪ وٽ 3 ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آھي، مظاهرين ميهڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا 3 رورزہ بک هڙتالي ڪئمپ تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ميهڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي سرڪار ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء احتجاج ڪندڙ پرامن شهرين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آھي ڏوهاري سرڪاري ڌر جي آشيرواد سان وارداتون ڪري مخالفن کي ڌمڪائي هيسائي رهيا آھن ته جيئن اليڪشن ۾  ڌانڌليون ڪرائي مخالفن کي هارائي سگهجي پوليس وڏيرن جي ڪمداري ۾ پوري آھي ھنن چيو ته شهر جي گهنٽا گهر چوڪ تي ڌاڙو لڳو ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رستم سرگاڻي جي ڪار چوري ۾ پوليس ڪو به تحرڪ نه پئي وٺي ۔ پوليس جي نااهلي سبب ڏوهن ۾ واڌارو ٿيو آھي ھنن چيو ته ميهڙ ۾ بدامني ڏوهن ۽ پرامن شهرين تي ڪوڙا ڪيس ۔ اليڪشن ۾ اميدوار طور بيٺل پ پ پ مخالفن کي حراسان ڪرڻ خلاف 3 ڏينهن تائين احٿجاج جي شروعات ڪندي علامتي بک هڙتال ڪري رهيا آھيون هنن گهر ڪئي ته ميهڙ ۾ بدامني کي ٻنجو ڏئي ڏوهن جي واپسي ڪرائي وڃي ۽ شهرين تي داخل دهشتگردي جا ڪيس واپس ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو احتجاجي ڪيمپ کي وڪيل نجيب مهيسر ۔ امتياز سيال ۔ وڪيل مشتاق چانڊيو ابوذر ٻگھيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي بدامني ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.