جهڏو (ن ع آ) جهڏي شهر جي ڪڇي ڪالوني ۾ 25 سالن جي شادي شده محمد اسلم راهمون زبان جي ڪينسر ۾ مبتلا رهڻ بعد فوت ٿي ويو. نوجوان پٽ جي فوتگي جي خبر ٻڌي سندس 60 سالن جو پيءُ محمد عمر راهمون به صدمي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. هڪ گهر مان ٻه مڙهه کڄڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو.