حج پانڌيئڙن کي خراب کاڌو ڏيڻ تي ڪيٽرنگ کي هڪ ڪروڙ ريال ڏنڊ

مڪه مڪرمه (اي پي پي) سعودي پبلڪ پراسيڪيوشن چيو آهي ته حج پانڌيئڙن کي صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو فراهم ڪندڙڪيٽرنگ کي هڪ ڪروڙ ريال ڏنڍ ۽ ٺيڪيدار کي 10 سال قيد جي سزا ٿيندي ۽ پرمٽ پڻ رد ڪيو ويندو. سعودي خابرو اداري مطابق پبلڪ پراسيڪيوشن ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته پبلڪ پراسيڪيوشن ڌيان ڏياريو ته حاجين کي پيش ڪيل خوراڪ جو صحت لاءِ هاڃيڪار عنصرن کان پاڪ هجڻ ضروري آهي، جيڪو شخص به حاجين جي خوراڪ ۾ ڄاڻي واڻي ڪا صحت لاءِ هاڃيڪار مادو شامل ڪندو يا ان ۾ ڪا ملاوٽ ڪندو يا منع ڪيل سامان کي خوراڪ جو حصو بڻائيندو کيس 10 سالن تائين قيد ۽ هڪ ڪروڙ ريال تائين ڏنڍ پوندو. پبلڪ پراسيڪيوشن خبردار ڪيو ته جيڪو به شخص حاجين کي پيش ڪيل خوراڪ ۾ مقرر ڪيل قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندو کيس ٻيهر ڪيٽرنگ جي ٺيڪي کان محروم ڪيو ويندو ۽ سندس پرمٽ رد ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.