ٽوڪيو (اي پي پي) جاپان جي گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽويوٽا چيو آهي ته هو جولاءِ ۾ پنهنجي اڪثر پروڊڪشن لائنز تي توقع کان وڌيڪ عرصي تائين پيداوار معطل رکندي. جنهن جو بنيادي سبب شنگهائي ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ سبب پرزن جي کوٽ آهي. جاپاني گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽويوٽا ايندڙ مهيني گاڏين جي
تياري لاءِ پنهنجي عالمي منصوبي تي نظر ثاني ڪندي ان ۾ گهٽتائي ڪري 8 لک گاڏيون ڪيو آهي. اهو شروعاتي منصوبي کان اٽڪل 50 هزار يونٽ گهٽ آهي. شنگهائي ۾ اختيارين ڪورونا وائرس جي سلسلي ۾ سخت پابنديون جون جي شروع ۾ ختم ڪري ڇڏيون هيون، پر ڪيتريون ئي اقتصادي سرگرميون اڃان معمول تي ناهن آيون.