نصيرآباد ۾ پاڻي کوٽ خلاف آرٿر واھ جي پيٽ ۾ بيھي احتجاجي مظاهرو

نصيرآباد (رپورٽ:بشير بروهي) نصيرآباد ۾ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ شهرين آرٿر واھ جي پيٽ ۾ بيھي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، ڪامريڊابراهيم چانڊيو، رسول بخش کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نصيرآباد تعلقي جي شاخن آرٿر واھ، چنجڻي شاخ، مڱيو شاخ،کھاوڙ شاخ ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي نه ھئڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي رھي آھي، ھاري، آبادگار ۽ زميندار سارين جو ٻيجارو به پوکي ناھن سگھيا.هنن چيو ته جون مھيني ۾ شاخن ۾ پاڻي ٽاپ ليول تي وھندو ھو پر اڄ آرٿر واھ ۾ 6 انچ به پاڻي ڪونهي، نااهل حڪمران سنڌ سڪائي سنڌين جو معاشي قتل عام ڪرڻ چاھن ٿا.ھنن چيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري حڪمران سنڌ کي بنجر بڻائي رهيا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پاڻيءَ جي بنا دير کوٽ پوري ڪئي وڃي ۽ پڇڙي تائين پاڻي بنا دير پھچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.