ڪورنگي ۾ مبينا مقابلو، هڪ جوابدار هاف فراءِ

ڪورنگي (ن ع آ) ڪورنگي ۾ زمان ٽائون پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.پوليس موجب ڪورنگي ڪوسٽ گارڊ چورنگي وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي قبضي مان هٿيار، ڦر ٿيل 2 موبائيل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي.پوليس موجب گرفتار زخمي جوابدار جي سڃاڻپ عبدالخالق  پٽ عبدالمالڪ سان ٿي، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿي جي سڃاڻپ توصيف طور ٿي آهي.شروعاتي جاچ دوران زخمي جوابدار اعتراف ڪيو ته ملير ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ مختلف هنڌن تي ڦرلٽ ڪئي. گرفتار جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.