سجاول ۾ مهيني اندر رولو ڪتن 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

سجاول  (رپورٽ: امتياز سومرو)  جاول شهر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري شهري سخت پريشان بڻجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ شھر جي وارڊ 8 ميمڻ محلي ۾ هڪ مهيني اندر رولو ڪتن 9 ڄڻن کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو پر ٽائون ڪاميٽي جي انتظاميا رولو ڪتن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا، جنهن ڪري رولو ڪتن 80 سالن جي لالو ملاح کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جنھن کي شھر جي نوجوانن رڪشا ذريعي سول اسپتال پهچايو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. زخمي پيرسن جو تعلق سيد پور سان ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته سجاول شهر ۾ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب رولو ڪتن جو آزار وڌڻ بابت هتان جي شهرين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سجاول شهر مان رولو ڪتن جو آزار گهٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.