ڄامشوري مان کنڀي گم ڪيل اختيار سوڍر جي آزادي لاءِ ميهڙ ۾ ريلي

ميھڙ رپورٽ : فراز چنا)  سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ايس يو پي ڪارڪن اختيار سوڍر کي کنڀي گم ڪرڻ  خلاف سڪندر سوڍر ۔ حاجي خان مارفاڻي ۔ احمد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي هنن چيو ته 9 ڏينهن اڳ اسان جي ڪارڪنن اختيار سوڍر کي ڄامشورو پوليس المنظر هوٽل تان سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪارن کيس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي 9ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس کيس ظاهر ناهي ڪيو ۔ شڪ آهي ته پوليس کيس ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ڏيکاري ڇڏيندي ھنن گهر ڪئي ته گرفتار ڪري گم ٿيل اختيار سوڍر کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾  سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.