سنڌ جو عوام مڪاني چونڊن ۾پ پ کي ووٽ نه ڏي;غلام قمبر حاجاڻو

گلشن اقبال ( ن ع آ) عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو آهي ته سنڌ سڄي ملڪ کي پالي ٿي پر هن جي ترقي ۽ تعمير ڪنهن به پارٽي جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ ڊگهو عرصو اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي جي چونڊيل نمائندن سنڌ جا فنڊ هڙپ ڪيا آهن، بلدياتي ادارن ۾ ڪرپٽ ماڻهن جي اچڻ سان ڪو به مسئلو حل نه پيو ٿئي ان ڪري هاڻ عوام کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجو ووٽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي سان مشروط ڪري سٺن ۽ ايماندار اميدوارن کي ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ووٽ جو درست استعمال ئي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.هن چيو ته سماجي خدمت ڪندڙ عوام دوست اميدوارن کي چونڊڻ سان مڪاني نظام بهتر ٿيندو ۽ شهرن توڙي ڳوٺن جي حالت به سڌري سگهندي.هن چيو ته  پهرين مرحلي ۾ سڀاڻي چونڊن ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي ووٽ نه ڏئي سندن قيادت کي مڪمل رد ڪرڻ جو ڏهاڙو آهي سنڌ جي عوام کي گهرجي ته وطن ۽ قوم دوست اميدوارن کي ووٽ ڏئي باشعور هجڻ جو ثبوت ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.