اڏيري لعل لڳ تيل ۽ گيس فيلڊ انتظاميا خلاف ڳوٺاڻن جو 3 ڪلاڪ ڌرڻو

اڏيرو لعل اسٽيشن (سڪندر ساهو وال وٽان) اڏيرو لعل اسٽيشن لڳ ڳوٺ ملوڪ هڱورو سميت 15 کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان آئل ۽ گيس فيلڊ خلاف عبدالله مري، جلال پٺاڻ، ڪامريڊهاشم واڍيلو، احمد هڱورو، جاني جت، حيدر بلوچ، صديق هڱورو، نواز واڍيلو، رجب خاصخيلي ۽ مجيد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ملوڪ روڊ تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته اسان کي يو اي اِي ڪمپني طرفان ڪي به بنيادي سهولتون نه ڏنيون ويون آهن. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جر جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي، آر او پلانٽ نه هجڻ سبب عوام مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو آهي. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت تيل ۽ گيس ڪمپنين کي 25 سيڪڙو رائلٽي اتان جي علائقن تي خرچ ڪرڻي هوندي آهي، پر ڄاڻايل تيل ۽ گيس فيلڊ سپريم ڪورٽ جي حڪم کي هوا ۾ اڏاري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان مان روزانو ڪروڙين رپين جو تيل ۽ گيس نڪري ٿو، تنهن باوجود به هتان جا ڪيترائي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. هنن سپريم ڪورٽ ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو اسان جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.