هڪ هفتي ۾ 32 شيون مهانگيون..!!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتوار شرح ۾ هڪ سيڪڙو کان مٿي واڌ ٿي آهي.

ان حوالي سان ڳڻپ واري کاتي ٻڌايو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي گڏيل هفتوار شرح 28.05 سيڪڙو تائين پهچي وئي.

ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي دوران عام واهپي واري 32شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ چڻن جي دال جي اگهه ۾ 16 رپيا في ڪلو واڌ ٿي ۽ ان جو في ڪلو اگهه 214 رپيا 40 ٿي ويو.

پٽاٽن جي اگهه ۾ هڪ رپيا 13 پئسا واڌ ٿي، انهي ريت گيهه جي في ڪلو اگهه ۾ 20 رپيا 78 پئسا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي سراسري قيمت 574 رپيا 68 پئسا ٿي وئي.

ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي دوران بصر 4 رپيا 9 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا، مهري دال 10 رپيا 32 پئسا مهانگي ٿي في ڪلو 288 رپيا 13 پئسا ٿي وئي.

ڳڻپ واري کاتي موجب ماش دال 12 رپيا 77 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي ۽ ان جو في ڪلو اگهه311 رپيا 94 پئسا ٿي ويو، مڱن جي دال 9 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي.

ڳائو گوشت في ڪلو 9 رپيا 75 پئسا، جڏهن ته ٻاڪرو گوشت 14رپيا 73 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو، اٽي جي 20 ڪلن واري ڪٽي جي اگهه ۾ 24 رپيا 89 پئسا واڌ ٿي.

ڳڻپ واري کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته کنڊ، تازو کير، ڏهي ۽ ٿوم جي اگهن ۾ به واڌ ٿي، هڪ هفتي دوران 4 شين جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، ان ۾ ٽماٽا 7 رپيا 24 پئسا في ڪلو سستا ٿيا.

جيئري ڪڪڙ جي في ڪلو اگهه ۾ 19 رپيا 84 پئسا لاٿ ٿي، ڪيلا ۽ سرنهن جو تيل جي اگهن ۾ به لاٿ ٿي.

ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي دوران 15 شين جا اگهه سگھارا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.