اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ڏئي ڇڏيو، ناڻي واري وزير رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته مان خوشي سان اعلان ڪريان ٿو ته چيني ڪنسورشيم طرفان پاڪستان کي قرض جي مد ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن.
I am pleased to announce that Chinese consortium loan of RMB 15 billion (roughly $2.3 billion) has been credited into SBP account today, increasing our foreign exchange reserves.
— Miftah Ismail (@MiftahIsmail) June 24, 2022
هن ٻڌايو ته اها رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ اسان جي ناڻي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي.