سپر ٽئڪس ڇا آهي؟ ناڻي واري وزير وضاحت ڪري ڇڏي

اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان وڏين صنعتن تي سپر ٽئڪس لڳائڻ کانپوءِ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ان بابت وضاحت پيش ڪئي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته سمورن سيڪٽرز تي 4 سيڪڙو ۽ 13 مخصوص سيڪٽرز تي 10 سيڪڙو سپر ٽئڪس لڳايو آهي جنهن کانپوءِ انهن سيڪٽرز تي ٽئڪس 29 سيڪڙو مان 39 سيڪڙو ٿي ويندو.

ان کان اڳ وزيراعظم معاشي ٽيم جي اجلاس بعد گفتگو ڪندي ٻڌايو هو ته عام ماڻهو کي ٽيڪس کان بچائڻ لاءِ صنعتن تي ٽيڪس لڳايو آهي، سيمنٽ، اسٽيل، شوگر انڊسٽري، آئل اينڊ گئس، ايل اين جي ٽرمينل، فرٽيلائزر، بئنڪنگ، ٽيڪسٽائل، آٽو موبل، ڪيميڪل، بيوريجز ۽ سگريٽ انڊسٽري تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو.

 وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته ساليانو 15 ڪروڙ آمدني واري تي هڪ سيڪڙو ۽ 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني واري تي 2 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو، 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني واري تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني واري تي 4 سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.