ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صحت جي قومي اداري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

صحت جي قومي اداري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سڀ ويرينٽ بي اي 5 ۽ 4 پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي ۽ ڪمشنرن کي خط لکي ترت ڪورونا ايس ا و پيز تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اداري طرفان لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهرين جو ويڪسينيشن ڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي ۽ پبلڪ ٽرانسپوررٽر 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مسافر نه کڻن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.