لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت طرفان بجلي بچايو مهم تحت اڄ سڄي صوبي ۾ بازارون بند رهنديون.
ملتان جي ضلعي انتظاميا مسلسل ٻئي ڏينهن بازارن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو جنهن دوران ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 30 دڪان ۽ 10 هوٽلن کي سيل ڪيو ويو ۽ دڪاندارن تي ڏنڊ پڻ هنيو ويو.
هواڏنهن بجلي بچايو مهم تحت سڄي صوبي ۾ اڄ بازارو بند ٿيڻ سبب واپاري پريشان آهن.
واپارين جو چوڻ آهي ته عيد ويجهو اچڻ باوجود مارڪيٽون بند ڪيون پيون وڃن جنهن ڪري ڪاروبار ۾ نقصان ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته سنڌ ۾ توانائي بحران سبب مارڪيٽون رات نائين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريسٽورنٽس ۽ شادي هالن جا وقت پڻ محدود ڪيا ويا آهن.