” اسان جا ووٽ هاڻوڪي حڪومت کان به عوام کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهن ٿا“

ميرپورخاص ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ عامر خان وفاق ۾ حڪومت سان اتحاد بابت ڳالهايو آهي.

هير آباد ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي عامر خان چيو ته اسان وفاق ۾ ن ليگ سان معاهدو ڪيو ۽ سنڌ ۾ ورڪنگ ريليشن شپ قائم ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم هاڻوڪي حڪومت سان لکت ۾ معاهدو ڪيو آهي، اسان جا ووٽ جيڪڏهن عمران خان مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهن ٿا ته عوام کي هن حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهون ٿا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 2018ع جي چونڊن ۾ آر ٽي ايس سسٽم ذريعي نتيجا بدلايا ويا پر ان باوجود ايم ڪيو ايم 7 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي.

عامر خان چيو ته پنهنجو وڏو وزير آڻڻ جي دعويٰ ڪندڙ پارٽي پي ايس پي کا مهاجر عوام هڪ سيٽ به کٽڻ نه ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.