آءِ ايم ايف پروگرام مان نه نڪتاسين ته ايٽمي پروگرام گروي رکڻو پوندو: سراج الحق

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام مان نه نڪتاسين ته هڪ ڏينهن ايٽمي  هٿيارن کي گروي رکڻو پوندو، اسلام آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جو ٻچو ٻچو اڄ قرضي آهي، پي ٽي آءِ، پ پ ۽ ن ليگ جي ويڙهه سبب معيشت ويهي رهي آهي، حڪومت غيرسنجيده ڳالهين سان قوم جو مذاق اڏائي رهي آهي، هن چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ قوم سان ڪوڙ ڳالهايو ويوآهي، جيستائين وزيرن جون مراعتون ختم نٿيون ڪيون وڃن، ان وقت تائين مسئلا حل نه ٿيندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.