اسٽيبلشمينٽ گڏ آهي، گئس اگهه اڃا وڌندا: مصدق ملڪ

اسلام آباد(م ڊ) پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته اڃا تائين ته اسٽيبلشمينٽ اسان سان گڏ آهي، گئس جي قيمت  وڌيڪ وڌندي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سموريون پارٽيون يڪسوئي ۽ ايڪي سان اڳتي وڌي رهيون آهن، سڀني گڏجي فيصلا ڪيا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ جي دفاع تي 1532 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ کي برباد رڪن جا ڪارخانا 7 هزار ارب رپين جا آهن، جهڙي طرح پاڪستان کي هلايو پئي ويو ڪنهن ٻئي ملڪ کي هلايو وڃي ها ته ان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، هن چيو ته مشڪل فيصلن جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي، پنج ڇهه مهينن جي سخت فيصلن کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي طور تي استحڪام اچي ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.