ڪوٽڏيجي ۾ نوجوان قتل، سندس هڪ سوٽ گرفتار

ڪوٽڏيجي (رپورٽ: ثناالله بگٽي) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ وليداد رند ۾ خيرپور پريس ڪلب جي ميمبر سينيئر صحافي علي خان رند  جي ناٺي عارف رند کي پنھنجي سئوٽن ولي داد رند ۽ علي مردان رند دوکي سان صبح جو گھران وٺي ويا، رستي ۾ گھات لڳائي ويٺل جوابدار محمد علي ۽ علي نواز رند پسٽل سان فائرنگ ڪري 23 ورهين جي نوجوان عارف رند ولد الياس رند کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان کي سندس وارثن ۽ ڳوٺاڻن سول اسپتال خيرپور پھچايو ان کان اڳ نوجوان فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن نوجوان عارف رند جي موت جي تصديق ڪئي، ڪوٽڏيجي پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي آندو ويو  جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد پوليس لاش کي وارثن حوالي ڪيو ۽ شڪ جي بنياد تي ۽ وارثن جي چوڻ تي ولي داد رند کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاعن تائين قتل جي ايف آئي آر داخل نه ٿي سگهي، پوليس پاران پڪٽ قائم نه ٿيڻ ڪري خونريزي جا امڪان وڌي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.