احمد شجاع پاشا سان منسوب نقلي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا برگيڊ اسٽيبلشمينٽ  سربراهه خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ٽاپ ٽرينڊ هلائي رهي آهي، ان دوران هڪ وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، جنهن کي اڳوڻي  آءِ ايس آءِ سربراهه احمد شجاع پاشا سان منسوب ڪيو ويو آهي. جڏهن نامياري صحافي انيق ناجي کي پي ٽي آءِ وارن اماڻي ته صحافي گوگل تي وڃي ڏٺو ته وڊيو وارو فوٽو شجاع پاشا جو ئي نه آهي، جنهن کانپوءِ انيق ناجي شجاع پاشا جو اصل فوٽو ان وڊيو موڪليندڙ کي اماڻيو ۽ کيس احساس ڏيارڻ جي ڪوشش  ڪئي ته وڊيو ۾ جيڪو شخص آرمي سربراهه  ۽ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪري رهيو آهي. اهو احمد شجاع پاشا نه آهي پر ان باوجود پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا برگيڊ اها شجاع پاشا سان منسوب نقلي وڊيو وائرل ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته رات دير تائين احمد شجاع پاشا طرفان به ڪا وضاحت نه آئي هئي ان ڪري به اها نقلي وڊيو وائرل ٿيل آهي.

  • احمد شجاع پاشا واري وڊيو ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي ذريعي ٺاهي وئي: نيوز ويب سائيٽ

اسلام آباد(م ڊ) نمل نالي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا ۽ واٽس اپ گروپن تي اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل(ر) احمد شجاع پاشا طور ڏيکاريل شخص جي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هو پي ڊي ايم جي حڪومت مڙهڻ تي عسڪري قيادت تي تنقيد ڪري رهيو آهي، هن اسٽيبلشمينٽ سربراهه کي عمران خان کي هٽائڻ جو ذميوار قرار ڏيندي فوجي آفيسرن کي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص احمد شجاع پاشا ناهي، ذريعن موجب اها وڊيو ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي ذريعي ٺاهي وئي، سينئر صحافي سليم صافي تصديق ڪئي آهي ته وڊيو ۾ آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.