پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءُ وڌائي رهي آهي: سينئر صحافي

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته مشرف جو ترجمان رهندڙ فواد چوڌري  فوج ۽ عدليه تي تنقيد ڪري رهيو آهي ته اهي ڌر بڻيل آهن، عمران خان سان اڄ تائين اهو ناهي ٿيو، جيڪو علي وزير ، اختر مينگل يا آصف علي زرداري سان ٿيو آهي،ان ڪري پي ٽي آءِ وارا اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪري رهيا آهن، هن چيو ته  اليڪشن ايندڙ سال ٿيندي، پر عمران خان جو فائدو نه ٿيندو،ڀڃ ڊاهه پي ٽي آءِ ۾ ٿيندي، ٻين پارٽين ۾ به ٿيندي، شهبازشريف لاءِ مشڪلات گهٽ نه ٿيندي، اتحادي شهبازشريف کي به ڇڏي سگهن ٿا، ننڍين پارٽين جا مطالبا وڏا وڏا آهن، اهي اتحادي حڪومت ڇڏي سگهن ٿا، هن چيو ته عمران خان پنهنجي لاءِ مشڪلات پيدا ڪري رهيو آهي، هو اهڙي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو حڪومت بدران پنهنجي لاءِ مشڪل جو سبب بڻجي رهيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.