عالمي طورتيل سستو، 22 رپيا لاٿ جي گنجائش باوجود نااميدي

ڪراچي ( م ڊ) عالي سطح تي ڪچي تيل ۾ قيمتون گهٽجڻ بعد پاڪستان ۾ تيل اگهن ۾ 22 رپيا لاٿ جي گنجائش باوجود غير يقيني صورتحال آهي. ڪچو تيل لڳاتار سستو ٿيڻ سبب اگهه ۾ 10 سيڪڙو تائين لاٿ اچي وئي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ 22 رپين تائين اگهه گهٽجڻ جي گنجائش موجود آهي، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت ان ۾ ليوي ۽ سيلز  ٽئڪس ملائي اڃا به اگهه وڌائيندي. اگهه گهٽجڻ جو ايترو امڪان ناهي. ان سلسلي ۾ ڪيپٽل اسٽيڪ ڊائريڪٽر ماها بٽ چيو ته حڪومت وٽ ايتري گنجائش ناهي، ليوي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ اگهه وڌائڻا پوندا. بي ايم اي جي ڊپٽي ريسرچ هيڊ عبدالرحمان چيو ته  ڪچو تيل 100 ڊالر في بيرل کان هيٺ آيو ته گنجائش ٿيندي پر حڪومت ٽئڪس هدف پورا ڪندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.